چڙهي چيلهه ڀڃون (راند)

چڙهي چيلهه ڀڃون (راند): هيءَ سنڌ جي مشهور ٻاراڻي راند آهي. هن راند ۾ ٻه ڌريون ٿينديون آهن. ليٽ ڪبوتر وانگر هن راند ۾ به هڪ ڀيچي کي لڪايو ويندو آهي.فرق صرف ايترو ئي هوندو آهي ته رانديگر کي لڪائي رهڻ بعد پهرين ڌر جو هڪ رانديگر ٻيءَ ڌر وارن کي سڏ ڪري چوندو آهي ته ”ڀيچي ڙي ڀيچي“ ته ٻيءَ ڌر وارو وراڻو ڏيندو آهي، ”جيءُ ڙي ڀيچي“. پهرين ڌر جو رانديگر وري چوندو ته ٻڌاءِ ته نالو ڇا؟ پوءِ ٻيءَ ڌر جا ٻار وٺي ڊوڙ پائيندا ۽ ڪرونڊڙي ٿيل ٻار جو نالو وٺندا (يا ٻيو ڪو سوال ڪندا)، جيڪڏهن نالو صحيح وٺي وڌائون ته هارايل ڌر جو رانديگر چوندو ته ”چڙهي چيلهه ڀڃون“ انهيءَ پڌرائيءَ بعد کٽندڙ ڌر جو هڪ هڪ رانديگر هارائيندڙ ڌر جي هڪ هڪ رانديگر جي پُٺن تي چڙهندو جنهن کي عام طرح ڊُڊبُلي (ڊڊيءَ) تي چاڙهڻ چئبو آهي. اهڙيءَ طرح هارايل رانديگر هن کي پُٺن تي کڻي پنهنجي پاسي پهچائي ايندا ۽ راند وري شروع ٿي ويندي. هن راند ڪندي ٻارن جو هڪ ٻئي کي لڪائڻ، آواز ڏيڻ، ڊوڙي اچي سڃاڻڻ ۽ ڊڊٻُليءَ (ڊڊيءَ) تي چاڙهڻ جو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو